حسان نيازي فرار ڪيس، حليم عادل شيخ کي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ سٽي ڪورٽ مان پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي، جيل اختيارين تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ علي زيدي عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻنهي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيل آھي، ٻنهي جوابدارن خلاف شاهدن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو ھو، علي زيدي جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته پوليس ۽ شاهدن کي قرآن شريف تي حلف کڻايو وڃي، مان به قرآن تي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان، عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي حليم عادل کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

کير جي قيمت ۾ واڌ لاءِ درخواست تي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي قيمت ۾ اضافي لاءِ ڊيري فارمرز ايسوسئشن جي درخواست تي ڪمشنر ۽ ٻين  ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ڊيري  فارمرز  ايسوسيئيشن  موقف ڏيندي ٻڌايو  ته اسان کي روزاني جي بنياد تي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، منصف جان درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته 180 رپيا اسان کي کير جي فراهمي جو چيو ويو آهي جيڪو اڻ پورو آهي، چيف جسٽس چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو موقف اچڻ ڏيو پوءِ ڏسون ٿا.

ڪراچي: مقامي عدالت سنڌ پريميئر ليگ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت سنڌ پريميئر ليگ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ  جنرل سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت جو سنڌ پريميئر ليگ سان ڪو به تعلق ناهي، سنڌ پريميئر ليگ شروع ٿي رهي آهي، ڪروڙين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، سرڪاري وڪيل وڌيڪ چيو ته ٻين صوبن جي رانديگرن کي کيڏايو پيو وڃي، صوبي ۾ رانديگرن جي ٽرائل جو چيو ويو آهي پر ائين نه ٿيو، پرائيويٽ ماڻهو هر ٽيم لاءِ 18 رانديگر ڀرتي ڪري رهيا آهن، ياد رهي ته سنڌ پريميئر  خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

لياري گينگ وار جميل  ڇانگا گروپ جو  ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) پريڊي جي علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ لياري گينگ وار جميل ڇانگا گروپ جو ٽارگيٽ  ڪلر گرفتار ٿي ويو، رينجرز جي ترجمان مطابق رينجرز ۽ پوليس  پريڊي جي علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪوسٽ گارڊ جي سپاهي  بلاول جي شهادت سميت ڀتي خوري، منشيات فروشي ۽ ڌاڙو۽ پوليس مقالبن ۾ ملوث لياري گينگ وار جميل ڇانگا گروپ جي ٽارگيٽ ڪلر جنيد بلوچ کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدار 2016ع ۾ ڇانگا گروپ ۾ شامل ٿي گينگيسٽر نويد عرف ڪپي ۽ وسيم جوجي سان گڏ ڪيترن ئي وارڌاتن ۾ ملوث رهيو، جوابدار جنيد بلوچ خلاف مخلت ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.