اقليتي نوجوانن کي انتظامي کاتن ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي:ڪميشن چيئرمين

ميرپورخاص/ عمرڪوٽ (نمائنددن وٽان) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران قائم ڪيل اقليتي حقن بابت ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شعيب سڊل  ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي سان گڏ اجلاد جي  صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اقليتي نوجوانن جو سي ايس ايس جو امتحان الڳ الڳ ورتو ويو آهي، جنهن سبب اقليتي نوجوانن کي انتظامي کاتن ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي، هن ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان هدايت ڪئي ته اقليتي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، نيڪال، بجلي ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ سميت  حددخليون هٽائڻ لاءِ يو سي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وڃي. اقليتي شادي جي رجسٽريشن لاءِ ايندڙ ماڻهن کي پريشان نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، اقليتن سان زيادتي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اقليتن جي شادين جي رجسٽريشن لاءِ آيل ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، گڏجاڻي ۾ سماجي ورڪرن، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي اقليتي تنظيمن جي نمائندن اقليتي ماڻهن درپيش مسئلا پيش ڪندي چيو ته شيڊول ڪاسٽ جا ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون، هندو ٻارن جي قبرستان ۽ قبرستان ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، اتي اقليتي ڪالونيون نه آهن، جنهن ڪري طاقتور ماڻهو ڏينهون ڏينهن اقليتي ماڻهن کي بي دخل ڪري رهيا آهن، اقکيتن جا درست انگ ڏيکاريا وڃن. اقليتن جي 5 سيڪڙو ملازمتن جي ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي، ضلعي سطح تي مينارٽي ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ضلعي انتظاميا کي پابند ڪيو وڃي ته اقليتن جي مسئلن جي حل لاءِ مهيني ۾ کليل ڪچهري ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.