قاضي احمد (رپورٽ:مومن جوڻو) قاضي احمد کان نواب شاھ ويندڙ لنڪ روڊ تي ڳوٺ سوائي راھو وٽ ڪوھيڙي سبب ڌنڌ ھجڻ جي نتيجي ۾ شھيد بينظير يونيورسٽي پوائنٽ بس ۽ نواب شاھ کان مورو ويندڙ مسافر وين وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاگرد شاگردياڻين ۽ وين جي مسافرن سميت 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، هڪ عورت مسافر قرت العين فاطمه سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتي مسافرن جا لاش ۽ ڪجهه زخمين کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، قاضي احمد اسپتال ۾ ڊيوٽي تي مقرر ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري زخمي اسپتال ۾ علاج لاءِ تڙپندا رھيا ڊسپينسر ۽ لوئر اسٽاف عملي زخمين کي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ پي ايم يو اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو،حادثي ۾ فوت ٿيل مسافرن ۾ قرت العين فاطمه، حاجي دادن عمراڻي، صفدر شامل آهن، زخمين ۾ سھيل احمد، محمد حارس، ذاڪر حسين، لائق حسين، عبدالرشيد، صفدر علي، پرويز، رياض حسين، صاحب، راحب، صدام، محبوب، سڪندر، علي گل، شير ساجد امان الله صغران خاتون سميت ٻيا شامل آھن.