بلاول ڀٽي جو لاهور مان چونڊ وڙهڻ بهتر فيصلو

لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب تي ڌيان ڏيڻ بلاول ڀٽو جي بهتر سياسي حڪمت عملي آهي. نامياري تجزئي نگار مظهر عباس ” سنو“ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته  سنڌ جي  ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيپلز پارٽيءَ  کي 85 سيڪڙو حمايت حاصل آهي، شهري علائقن ۾ به پ پ بهتر صورتحال ۾ آهي، ڇاڪاڻ  ته سکر، مير پورخاص ۽ ڪراچيءَ  ۾ ميئر پيپلز پارٽيءَ جا آهن. جڏهن ته ڪراچيءَ  ۾ ايم ڪيو ايم جي صورتحال ماضيءَ  واري نه آهي، ان ڪري متحده  پوزيشن  ڪمزور هجڻ جو فائدو به پيپلز پارٽيءَ کي ٿيندو. ان ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهندي نظر اچي رهي آهي. پي ٽي آءِ کي ته پولنگ ايجنٽ به نه آهن، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جو لاهور مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو به بهترين فيصلو آهي. پي ٽي آءِ کي ته ڪراچي ۾ پولنگ ايجنٽ به نٿا ملن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.