مفت ۾ گول گپا نه ڏيڻ تان ريڙهي وارو قتل!

ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ مفت ۾ گول گپا نه ڏيڻ تان ريڙهي واري کي قتل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اِهو واقعو ڪانپور ۾ پيش آيو جتي گول گپا وڪڻندڙ همراهه کي قتل ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪانپور جي علائقي چڪري ۾ چاليهه ورهين جو پريم چندرا ريڙهي تي گول گپا وڪڻندو هو، جنهن کي گذريل رات گهر واپسي تي علائقي جي ڪجهه غنڊن مفت ۾ گول گپا نه ڏيڻ تان سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
گوڙ تي علائقي واسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پريم کي غنڊن کان بچايو، شهري جي حالت بگڙجڻ تي کيس اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
پوليس موجب، چڪري ٿاڻي ۾ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.