گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي سرڪار طرفان معاوضو بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي سرڪار طرفان معاوضو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀارتين کي حڪومت طرفان معاوضو ڏيڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران صوبائي گهرو کاتي جي نمائندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته معاوضي تي ڪجهه ماڻهن کي اعتراض هو، تنهن ڪري بند ڪيو ويو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته جن ماڻهن کي اعتراض آهي انهن کي پئسا ڏيڻ بند ڪيو، جن گم ٿيلن جا وارث معاوضو وٺڻ چاهين ٿا، انهن کي ملڻ گهرجي.
هن چيو جبري گمشدگي جو مطلب آهي ته شهري ڪنهن ايجنسي وٽ آهي، جيستائين اهو عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي وارثن کي معاوضو ملندو رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.