اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچڻ کانپوءِ ڪِري پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ موقعي تي 361 پوائنٽن جي واڌ سان 65 هزار 213 جي بلند ترين سطح تي پهتو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 524 پوائنٽون گهٽجي 64 هزار 298 تي رهيو.
100 انڊيڪس ڪاروباري ڏينهن ۾ 1033 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، بازار ۾ اڄ 46 ڪروڙ شيئرز جا سودا 25 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.
ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 88 ارب رپيا گهٽجي 9 هزار 395 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.