تربت ۾ اليڪشن ڪميش آفيس تي حملو، پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تربت ۾ اليڪشن ڪميشن جي ريجنل آفيس جي احاطي ۾ دستي بم حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو.
پوليس موجب تربت ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو پر ريجنل آفيس جي احاطي ۾ دستي بم حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته اڻڄاتل جوابدارن آفيس اندر دستي بم ڦٽو ڪيو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.