ننڍي عمر جي شاگرد سان ناجائز لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ماسترياڻي گرفتار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ ماسترياڻي کي ننڍي عمر جي شاگرد سان جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست آرڪنساس سان واسطو رکندڙ ماسترياڻي اڳ ۾ 17 ورهين جي شاگرد کي پنهنجو نمبر ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي.
رپورٽن موجب ماسترياڻي طرفان شاگرد سان ڪيترائي ڀيرا جنسي لاڳاپو قائم ڪرڻ جو انڪشاف شاگرد جي پوليس کي دانهن ڏيڻ تي ٿيو.
متاثر شاگرد ٻڌايو ته ان جي هيٿر هيئر نالي ماسترياڻي سان پهرين ملاقات اسڪول جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي هئي، جنهن دوران ٽيچر پاڻ نمبر ڏنو ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي ڳالهائڻ لڳي.
شاگرد جي بيان کانپوءِ پوليس عورت کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماسترياڻي طرفان شاگرد کي جنسي فعل ڏانهن ڇڪڻ تي عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.