” پري هٽ“ هيزل ووڊ، ڪيمرون گرين کي ويجهو اچڻ کان روڪي ڇڏيو!

برسبين ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڪيمرون گرين کي ڪورونا سبب ٽيم سان گڏ خوشي ملهائڻ ۾ پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.
ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جڏهن آسٽريلوي فاسٽ بالر ويسٽ انڊيز جي بيٽر جي وڪيٽ حاصل ڪئي ته سمورا آسٽريلوي رانديگرن خوشي ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا، ان موقعي تي ڪيمرون گرين به پنهنجي ٽيم جي رانديگرن جي ويجهو اچڻ لڳو.


ان موقعي تي ڪيمرون گرين اوچتو رانديگرن جي وڌيڪ ويجهو اچڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو جنهن کانپوءِ هيزل ووڊ به مذاق ۽ دلچسپ انداز ۾ پري رهڻ جو اشارو ڪيو.
آسٽريلوي آل رائونڊر ڪيمرون گرين ڪورونا باوجود برسبين ٽيسٽ کيڏي رهيو آهي، ميچ دوران کيس رانديگرن کان الڳ رهڻ ۽ هٿ ملائڻ کان منع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.