ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لونگ هر گهر ۾ هوندا آهن ۽ کاڌن ۾ مصالحن طور استعمال ڪيا ويندا اهن.
لونگن جي خوشبو جيت جڻن کي پري رکندي آهي، ڏندن ۾ سور هجي ته لونگ رکڻ سان آرام ملندو آهي ته ڇو ته هي اينٽي بيڪٽيريل خواص رکن ٿا. پر انهن جا ٻيا به فائدا هوندا آهن.
گهر ۾ پراڻن صابڻن جا ننڍا ننڍا ٽڪرا جن کي اڇليو ويندو آهي اهي اوهان جي ڪم اچي سگهن ٿا.
انهن ٽڪرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري چبڙائي ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن صابڻ جيترا ٿي وڃن ته انهن تي لونگ هڻي ڇڏيو ۽ هڪ ماسڪ ۾ ڀري واش روم ۾ لٽڪائي ڇڏيو.
ان سان نه رڳو باٿ روم ۾ هر وقت خوشبو رهندي پر جيت جڻا به پري ڀڄي ويندا.
اهڙي ريت لونگ لڳل صابڻ جي ٽڪرن کي الماڙي ۾ ڪپڙن وچ ۾ به رکي سگهجي ٿو. ان سان ڪپڙن مان مهڪار ايندي رهندي. اهڙي ريت مهانگي ايئر فريشنر کان به جان ڇٽي پوندي.
گهرن ۾ پراڻا موزا ضرور هوندا آهن. اڪثر هڪ پير جو موزو وڃائجي وڃي ته ٻيو بيڪار ٿي ويندو آهي، انهن موزن کي ڪنهن هينگر ۾ ٽنگيو، درن درين پٺيان جتي صفائي نٿي ٿي سگهي اهي هينگر اتي صفائي کي ممڪن ڪري سگهن ٿا.