سنڌ ۾ نئون تعليمي سال ڪڏهن کان شروع ٿيندو؟ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ درسي ڪتاب جي ڇپائي اڃا تائين شروع نه ٿي سگهي، جنهن سبب صوبي ۾ تعليمي سال جي شروعات اپريل کان نه ٿي سگهندي.
سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي ڇپائي جو عمل اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ نئون تعليمي سال اپريل ۾ شروع نه ٿي سگهندو.
ذريعن موجب پبلشر ۽ تعليم کاتي ۾ تڪرار سبب ڪتابن جي ڇپائي شروع نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ڪتابن جي ڇپائي کان پهچ تائين گهٽ ۾ گهٽ 4 مهينن جو وقت گهربل هوندو آهي.
ان حوالي سان تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.