حيدرآباد ٽيسٽ: ايشون ۽ جاڙيجا آڏو گورن جي هڪ نه هلي، پهريون ڏينهن ميزبانن جي ناءُ

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ حيدرآباد ۾ شروع ٿي وئي آهي، ميچ جو پهريون ڏينهن ڀارتي بالرن جي نالي رهيو،
حيدرآباد ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن مهمان ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فييصلو ڪيو.
ڀارتي بالرن جي آڏو مهمان ٽيم جا بيٽر بيوس نظر آيا،سموري انگلش ٽيم 246 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان بين اسٽوڪس 70 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جيڪ ڪرائولي ۽ بين ڊڪٽ ترتيبوار 20 ۽ 35 رنسون ٺاهيون. ان کانسواءِ جوئي روٽ 29 جڏهن ته جوني بيئرسٽو 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
حيدرآباد ٽيسٽ ۾ اسپنرز سڄو ڏينهن ڇانيل رهيا، ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون ۽ رويندرا جاڙيجا ٽي، ٽي جڏهن ته اڪشر پٽيل ۽ جسپريت بمرا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڀارت حيدرآباد ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ڀارت طرفان يشسوي جئسوال 76 ۽ شُڀمَن گِل 14 رنسن تي ڪريز موجود آهن، جڏهن ته روهٽ شرما 24 رنسون ٺاهي جيڪ ليچ جو شڪار بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.