سائنسدانن قيامت جي گهڙي سيٽ ڪري ڇڏي، دنيا جي خاتمي ۾ ڪيترو وقت؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قيامت جي گهڙي اڱارو 23 جنوري 2024 تي اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي.

گذريل سال گهڙي کي اڌ رات ٿيڻ ۾ 90 سيڪنڊ گهٽ هجڻ تي سيٽ ڪيو ويو هو جيڪا هاڻي ويجهي اچي وئي آهي.

هن گهڙي کي 1947 ۾ دنيا جي ڪجهه سرگرم سائنسدان ٺاهيو هو. اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته انسانيت جوهري جنگ، ماحولياتي بحران ۽ هٿرادو ذهانت سميت انسان جي پيدا ڪيل خطرن سبب تباهي جي ڪيتري ويجهو پهچي وئي آهي.

اڌ رات جو مطلب تباهي آهي ۽ گهڙي جا رکوالا سال ۾ هڪ ڀيرو هن جو وقت اڳتي يا پوئتي ڪندا آهن ته جيئن انسانيت کي پيش آيل خطرن کان آگاهه ڪري سگهجي.

2023 ۾ 90 سيڪنڊن جي وٿي تي هي 1950 جي ڏهاڪي جي جوهري پکيڙ جي ڏينهن جي جي ڀيٽ ۾ اڌ رات جي ويجهو هئي. 90 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هي گهڙي خطرن کان پري هلي وئي هئي ۽ 1991 ۾ اڌ رات کان 17 منٽ پري سيٽ ڪئي وئي هئي جتي هي چئن سالن تائين رهي.

هي گهڙي سڀ کان پهريان 1947 ۾ بليٽن آف دي اٽامڪ سائنٽسٽس جي ميمبرن ٺاهي هئي.

جيتوڻيڪ اهو هڪ رسالو شايع ڪندو آهي پر بليٽن اصل ۾ ماهرن جو هڪ گروپ آهي، جيڪو جوهري دور جي شروعات ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ ان ۾ البرٽ آئن اسٽائن ۽ جي رابرٽ اوپن هائمر جهڙا دنيا جا مشهور سائسندان شامل هئا.

هاڻي اها گهڙي ڪيڏانهن ويندي، اها ڪنهن کي خبر ناهي، جڏهن هر سال گهڙي جي نئين وقت جو اعلان ڪيو ويندو آهي ته سائنسدان ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته ان جو مطلب هڪ ايڪشن جي ضرورت ۽ سائنسدانن کي وارننگ آهي ته خطرو اچڻ وارو آهي پر ان بابت ڪجهه ڪرڻ سندن اختيار ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.