تلهار ۾ موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

تلهار (ويب ڊيسڪ) تلهار ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
افسوسناڪ واقعو بدين – تلهار روڊ تي بقادار اسٽاپ وٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار ۽ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪار اونڌي ٿي وئي ۽ موٽر سائيڪل تي سوار 3 ڄڻن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
فوتين جي سڃاڻپ نعمان ملاح، واحد ملاح، معشوق جوڻيجي ۽ شهزاد شيدي جي نالن سان ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.