ويرات ڪوهلي ون ڊي، ورلڊ ڪپ فاتح ڪپتان پئٽ ڪمنز سال 2023ع جو بهترين ڪرڪيٽر قرار

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) سال 2023ع جي بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر ۽ سرگارفيلڊ سوبرز ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ ڀارت جي ويرات ڪوهلي، رويندر جاڙيجا، آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ ۽ ورلڊ ڪپ فاتح آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان پئٽ ڪمنز ۾ مقابلو هو.
آءِ سي سي موجب، 2023ع ۾ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ وري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پئٽ ڪمنز سرگارفيلڊ سوبرز ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز لاءِ سال 2023ع يادگار رهيو، هن 24 ميچن ۾ 59 وڪيٽون ورتيون ۽ 422 رنسون اسڪور ڪيون ۽ گڏوگڏ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ ورلڊ ڪپ ٽرافي کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو.
آءِ سي سي مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر 2023ع لاءِ ڀارت جي ويرات ڪوهلي، محمد شامي، شُڀمَن گِل ۽ نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل ۾ سخت مقابلو هو.
پر گذريل ورلڊ ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو اعزاز ماڻيندڙ ڀارت جي ويرات ڪوهلي آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڪوهلي رڪارڊ چوٿون ڀيرو اِهو ايوارڊ کٽيو آهي، ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز ٽي ڀيرا ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
ويرات ڪوهلي ان کان اڳ 2012، 2017 ۽ 2018 ۾ ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر و ايوارڊ کٽيو هو.
ويرات ڪوهلي سال 2023 دوران 27 ون ڊي ميچز ۾ 1377 رنسون اسڪور ڪيون ۽ 12 ڪيچ پڪڙيا ۽ هڪ وڪيٽ به ورتي، سندس 24 اننگز ۾ 6 سينچريون ۽ 8 ففٽيون پڻ شامل آهن.
ان کانسواءِ ڪوهلي 2023ع دوران عظيم ڀارتي بيٽر سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين وارو رڪارڊ ٽوڙيندي ان فارميٽ ۾ پنجاهه سينچريون اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.