بلاول تهذيب ۾ رهي ڳالهائي، کيس جواب نه ڏيڻ پارٽي پاليسي آهي: نون ليگ ترجمان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي کيس تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته بلاول ڀٽو جي ٻوليءَ تي افسوس آهي، هن اسان سان گڏ پرڏيهي وزير طور ڪم ڪيو آهي، کيس ڪارڪردگي جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي، ڪير به اوهان جي ذاتيات جي سياست نٿو چاهي.
هن چيو ته بلاول نئون نئون پنجاب آيو آهي، هن پنجاب ۾ نون ليگ جا پروجيڪٽ ناهن ڏٺا، نون ليگ جو مقابلو اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارن سان آهي، سياسي جماعتن سان گڏوڏگڏ اسان جو مقابلو مهانگائي سان به آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ هن گارگند جي سياست کي دفن ڪري چڪو هو، تحريڪ انصاف جي باني گارگند جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم حڪومت جي فيصلن ۾ برابر جي شريڪ آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهه ٻولهه تهذيب ۾ رهندي ته نواز شريف جنهن ڪلچر کي آڻڻ چاهي ٿو اهو قائم ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.