”اسان جو مقابلو ضياءُ الحق جي مسلم ليگ سان آهي، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا“

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن ۾ اسان جو مقابلو ضياءُ الحق جي مسلم ليگ سان آهي، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا.
سرگوڌا جي علائقي ڀلوال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ٻين جماعتن کي احساس ئي ناهي ته عوام ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي، مان چونڊ منشور جي بنياد تي وڙهي رهيو آهيان، حڪومت ملي ته 10 نڪتن تي عمل ڪري مسئلا حل ڪندس، جيڪو شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، ان کي پنهنجي منشور جي ئي خبر ناهي، عوام ان شخص کي 3 ڀيرا ڀوڳيو آهي.
هن چيو نوجوانن کي سمجهايو ته پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، ڇا توهان ان شخص کي ووٽ ڏئي ضايع ڪرڻ چاهيو ٿا، جيڪو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، مان پراڻن سياستدانن جهڙا واعدا نه پيو ڪيان، حقيقي معنيٰ ۾ غريبن لاءِ ڪم ڪنداسين، منهنجو عوام تي اعتماد آهي.
سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جي شهادت تي آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، منهنجي پيءَ تي جيل ۾ تشدد ڪيو ويو، چاهيون ٿا ته اهڙو ظلم ٻئي ڪنهن سان نه ٿئي، منهنجي لاءِ حرام هوندو جو منهنجي حڪومت ۾ ڪو سياسي قيدي هجي، مان اهو ڪري ئي نٿو سگهان ته مخالفن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيل ۾ وجهان.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻ مقابلو پ پ ۽ ضياءُ الحق جي مسلم ليگ وچ ۾ آهي، پ پ آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.