”سنڌ ۾ پ پ سان ڪو مقابلو ناهي، ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ 5 کان 10 سال گهرجن“

پنو عاقل (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مزدور ڪارڊ، هاري ڪارڊ ۽ نوجوانن کي وظيفو ڏيڻ اسان جو منشور آهي.
پني عاقل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جو ڪم عوام سامهون آهي، ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ 5 کان 10 سال گهرجن.
هن چيو ته ڪچي ۾ زمينون ليز ڪنداسين، وڻ پوکڻا پوندا، ڪچي جا ماڻهو خوشحال ٿيندا ته ڏوهن جو خاتمو ٿيندو.
سندس چوڻ هو سنڌ جي صورتحال مان واضح آهي ته پ پ سان ڪو مقابلو ناهي، بلاول ڀٽو زرداري عوامي خدمت لاءِ 10 نڪتا ڏنا آهن، عوامي خدمت ۾ پ پ جو ڪو متبادل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.