عمير جيسوال ثنا جاويد سان ڪيتري محبت ڪندو هو؟ واضح ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي شادي بريڪنگ نيوز کان پوءِ جتي مختلف حوالن سان ٻين خبرن جي زينت بڻيل آهن اتي ئي ثناءَ جاويد جي اڳوڻي مڙس گلوڪار عمير جسوال سان سندس پراڻي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي.

وائرل وڊيو ۾ ڪنهن تقريب ۾ شريڪ اڳوڻو جوڙو ميڊيا پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهي.

وڊيو ۾ صحافڻ ثناءَ جاويد کان سوال ڪري ٿي ته ، ڇا هن جو پسنديدهه گلوڪار هميشه کان عمير جسوال ئي هو؟

جنهن تي اداڪارا جواب ڏئي ٿي ته بلڪل.

عمير جسوال به چيو ته هن جا سڀ گيت ثناءَ لاءِ آهن.

ان تي ميڊيا پرسن پاران سوال ڪيو ويو ته ڇا اُداس گيت به؟ جواب ۾ گلوڪار جو چوڻ هو ته ”اداس گيت اُهي آهن جڏهن هيءَ مون سان گڏ نه هئي“.

ثناءَ کان وري پڇيو ويو ته هن کي عمير جسوال جو ڪهڙو گيت پسند آهي؟

 

View this post on Instagram

 

A post shared by lollywoodspace (@lollywoodspace)

جنهن تي اداڪارا جو چوڻ هو ته هن پنهنجو نئون البم لانچ ڪيو آهي ته ان ۾ آهي منهنجي خيال سان.

شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي شادي جي خبر پراڻي ٿيڻ باوجود سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي، جتي ان حوالي سان ٻيون خبرون وائرل آهن اتي ئي ثناءَ جي اڳوڻي مڙس عمر جسوال جي هڪ انسٽاگرام اسٽوري واهپيدارن جو ڌيان ڇڪي ورتو آهي.

ان انسٽاگرام اسٽوري محبت جي ان لڪيل ڪهاڻي کيوڌيڪ پراسرار بڻائي ڇڏيو آهي.

عمير جسوال انسٽاگرام اسٽوري ۾ آمريڪي گلوڪار، گيت لکندڙ ۽ گٽارسٽ جان ميئر جي گيت ’Who Says‘سان گڏ هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي.

جيتوڻيڪ پوسٽ واضح ته نه آهي پر ان گيت جا ٻول ظاهري طور تي اهو واضح ڪري رهيا آهن ته عمير جي اڳوڻي زال جي ان قدم تي هن پنهنجن دلي جذبا ظاهر ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.