ڊيئر ڪامريڊ جي ” بوبيءَ “ لِلي“ سان مڱڻو ڪري ڇڏيو؟

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي اداڪار وجئه ديورا ڪونڊا اداڪارا رشميڪا مندانا سان مڱڻي جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪار وجئه ديورا ڪونڊا ۽ رشميڪا جي لاڳاپن جو خبرون ڊگهي عرصي کان اچي رهيون آهن، ويجهڙ ۾ ٻنهي جي مڱڻي جا افواهه به گردش ڪري رهيا هئا.
ان ڏس ۾ اداڪار وجئه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس اداڪارا رشميڪا سان مڱڻي ۽ شادي وارين خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.
هن چيو ته ميڊيا هر ٻئي سال منهنجي شادي ڪرائيندي رهندي آهي ۽ اهڙي قسم جا افواهه هر سال ٻڌندو آهيان، لڳي ٿو ميڊيا رڳو منهنجي شادي جي اوسيئڙي ۾ آهي.
ياد رهي ته اداڪار وجئه ديورا ڪونڊا بالي ووڊ فلم ” لائگر “ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي، ا اداڪار هاڻي نئين فلم “ فيملي اسٽار “ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.