مڪي جي جبلن تي عجيب مخلوق ظاهر، سوشل ميڊيا واهپيدار پريشان

سعودي عرب جي شهر مڪي جي جبلن مان عجيب مخلوق ڏسڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين پريشان ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ مڪي جي جبل خندمه مان نڪرندڙ هڪ عجيب جانور جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جانور کي جبل تي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.
اها وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ کان پوءِ وائرل ٿي وئي آهي سوشل ميڊيا واهپيدار پُڇ کانسواءِ ان جانور کي عجيب مخلوق قرار ڏئي رهيا آهن.

Image
بعد ۾ سعودي عرب جي نيشنل سينٽر فار وائلڊ لائف ڊولپمينٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وڊيو ۾ موجود جانور راڪ هائراڪس آهي، جيڪو جابلو ماحول ۾ رهندو آهي، اونچين ۽ هموار ٽڪرين وارن علائقن ۾ رهندو آهي ۽ شڪارين کان پاڻ کي بچائن جي ڪوشش ڪندو آهي.
رپورٽ موجب راڪ هائراڪس سيهڙ جهڙو جانور آهي جنهن جا ڪن ننڍا، جسم تي گھري ڀوري کَلَ ۽ پَڇ ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.