ملڪ ۾ ڪوهيڙو، ڪيترائي موٽرويز بند، حادثا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهيو جنهن سبب سيءَ به وڌيو ته ڪاروهنوار به متاثر ٿيو.
ڪوهيڙو حادثن جو سبب به بڻجندو آهي جنهن لاءِ گاڏين جي ڊرائيورن کي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ موٽروي پوليس به اهي ئي هدايتون جاري ڪندي رهي ٿي ته فوگ لائيٽس جو استعمال ڪيو وڃي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.
ڪوهيڙي سبب حادثن کان بچڻ لاءِ موٽروي پوليس اپاءَ وٺندي ڪيترن ئي موٽرويز کي اچ وڃ لاءِ عارضي طور بند ڪيو، ڪوهيڙو ختم ٿيڻ کانپوءِ موٽرويز کي کوليو ويو.
ڪوهيڙي سبب پشاور کان اسلام آباد تائين مختلف موٽرويز بند ڪيا ويا.
سنڌ جي شهرن گاجي کهاوڙ، لعلو رائنڪ، ميهڙ، نصيرآباد، قمبر، سرهاڙي، ٽنڊو رحيم خان ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل هو.
ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽ رهندي آهي ۽ سيءَ وڌڻ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ويندا آهن.
خيال رهي ته مدئجي ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي بابت پوليس جو چوڻ هو ته حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو.
حادثي ۾ چار عورتون فوت ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.