چين، ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ زلزلو، عمارتون ڊهي پٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چين جي صوبي سنڪيانگ جي ڏاکڻي حصي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون.

زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.2 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زلزلي جو مرڪز ووشي ڪائونٽي ۾ 22 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ هو، زلزلي جا لوڏا ڀارت جي راڄڌاني دهلي کان پاڪستان جي ڪجهه حصن تائين محسوس ڪيا ويا.

زلزلي سبب 2 گهر ڊهي پيا، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

چين ۾ زلزلي جي لوڏن سبب ريلوي جو نظام به متاثر ٿيو آهي، ريلوي کاتي 27 ٽرينون روڪي ڇڏيون آهن.

چين جي هنگامي معاملن واري وزارت چيو آهي ته ڪيترن ئي کاتن امدادي سرگرمين لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.