پنهنجي عمل تي شرمسار گلين ميڪسيول معافي وٺي ڇڏي

ايڊيليڊ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل کي رات دير سان پارٽي ۾ حد کان وڌيڪ شراب واپرائڻ سبب اسپتال داخل ڪرائڻو پئجي ويو جنهن کانپوءِ سندس مئنيجر جو بيان سامهون آيو آهي.
ڪينگرو ڪرڪيٽر جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته گلين ميڪسويل ڇنڇر واري ڏينهن پيش آيل واقعي تي شرمسار آهي، هو ڏُکارو ۽ معذرت خواهه آهي.
مئنيجر موجب، گلين ميڪسويل ميلبورن واپس اچي بيٽنگ پريڪٽس شروع ڇڏي آهي، هو ڪرڪيٽ آسٽريليا جي جاچ هيٺ نه آهي.
گلين ميڪسويل کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ ون ڊي سيريز ۾ آرام ڏنو ويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪپتان پئٽ ڪمنز پيش آيل واقعي تي گلين ميڪسيول جي رويي جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي طبي عملي آل رائونڊر کان معاملي بابت تفصيل حاصل ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.