حڪومت جي آءِ ايم ايف کي ڪرپشن خاتمي لاءِ وڏي خاطري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي نيب سميت اينٽي ڪرپشن ادارن ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ ادارن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي، ان جي جواب ۾ حڪومت نيب سميت اينٽي ڪرپشن ادارن ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ان حوالي سان دستاويز موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته ڪابينا جي منظوري سان اينٽي ڪرپشن فريم ورڪ ۾ بهتري لاءِ رپورٽ شايع ٿيندي ۽ اينٽي ڪرپشن ٽاسڪ فورس مارچ ۾ پنهنجي رپورٽ شايع ڪندي.
ان حوالي سان هڪ ٽاسڪ فورس به جوڙي ويندي، جنهن ۾ عالمي تجربو رکندڙ ماهر، سول سوسائٽي شامل هوندي، ڪرپشن جي نشاندهي، ادارن کي شفاف ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪيا ويندا، عوامي نمائندن، ڪابينا ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن جي ڄاڻ تائين عوام کي پهچ ڏني ويندي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته رشوت، فراڊ ۽ ڀتي خوري جي روڪٿام لاءِ ادارن کي مضبوط بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، حڪومت ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ۽ سزائن لاءِ نيب سميت ادارن کي شفاف ۽ اثرائتو بڻائڻ جو عزم به ڪيو آهي، جڏهن ته نيب چيئرمين جي ميرٽ تي مقرري ۽ جاچ لاءِ نيب جي اختيارن جو دائرو مقرر ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.