احسن اقبال جو بلاول ڀٽو زرداري کي چئلينج

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي چئلينج ڪيو آهي ته منهنجي ضلعي نارووال سان لاڙڪاڻي جي ترقي جي ڀيٽ ڪيو، لاڙڪاڻو نارووال کان بهتر هجي ته مان سياست ڇڏي ڏيندس.
نارووال جي اين اي 75 ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 8 فيبروري ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو ڏينهن آهي، 8 فيبروري تي ڏڦيڙ ڪندڙن ۽ امن امان آڻيندڙن ۾ مقابلو ٿيندو، شهيدن جا يادگار ڊاهيندڙ ووٽ نه ڏنڊي جا حقدار ٿي سگهن ٿا.
هن چيو پ پ کي چئلينج ڪيو ته بلاول ڀٽو صاحب! لاڙڪاڻي ۽ نارووال جي ترقي جي ڀيٽ ڪيو، جيڪڏهن لاڙڪاڻو بهتر هجي ته مان سياست ڇڏي ڏيندس نه ته توهان سياست ڇڏي ڏجو.
سندس چوڻ هو ته نئون پيدا ٿيندڙ ليڊر نيٽ پريڪٽس ڪري رهيو آهي پر نوان بيان ڏئي رهيو آهي، ان جي اها ليول ناهي ته نواز شريف کي مباحثي جو چئلينج ڏئي، بلاول اڳ ۾ پنهنجي پارٽي جي سربراهي سنڀالي پوءِ ڳالهائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.