شڪارپور: وين جي ٽڪر ۾ رڪشي ۾ سوار 4 عورتون فوت

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ رڪشي ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ٿي ويون.
حادثو شڪارپور جي مدئجي ٽائون ڀرسان انڊس هاءِ وي اڇي مسجد وٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار وين ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت، جڏهن ته ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ٻن کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب لاڙڪاڻي نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ڪوهيڙي سبب حادثو پيش آيو، حادثي جو شڪار ماڻهو رڪشا ۾ رتي ديري کان سکر وڃي رهيا هئا.
پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ عورتن جي سڃاڻپ مسمات فريده، مسمات حاجره، مسمات نجمه ۽ زينب جي نالن سان ٿي آهي، فوتين ۽ زخمين جو واسطو رتي ديري سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.