ن ليگ ڪارڪن ريلي ۾ اصلي شينهن ڪاهي آيا، نواز شريف جي ڪاوڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ڪارڪن قائد نواز شريف جي ريلي ۾ اصلي شينهن ڪاهي آيا، جنهن تي نواز شريف سخت نوٽيس وٺندي شينهن واپس موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نواز شريف موني روڊ تي ريلي ۾ شينهن آڻڻ جو سخت نوٽيس وٺندي شينهن واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ شينهن کي واپس موڪليو ويو.
مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف هدايت ڪئي ته ڪنهن به ريلي ۾ شينهن يا ڪو ٻيو جانور نه آندو وڃي، دين ۽ جانورن بابت قانونن ۾ جانورن جي حقن جي احترام جو چيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.