ذڪاءَ اشرف عهدو ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف استعيفيٰ ۾ عهدو ڇڏڻ جو سبب ذاتي مصروفيتن کي قرا ڏنو آهي.
ذڪاءَ اشرف استعيفيٰ جي ڪاپي سامهون اچي وئي آهي جنهن موجب، استعيفيٰ ۾ ذاتي سببن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته 20 جنوري ذڪاءَ اشرف پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنرز جي عهدن تان استعيفيٰ ڏني هئي.
جنهن بعد نگران وزيراعظم 22 جنوري تي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنرز جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.