ڪوٽڙي ڀرسان ناياب جانور ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو، حملي ۾ 10 ٻڪريون مري ويون

ڪوٽڙي (رپورٽ: نويد راجپوت) ڪوٽڙي ڀرسان ڳوٺ ۾ ناياب جانور واڙي تي حملو ڪري ڏهه ٻڪرين کي ماري وڌو.
ڳوٺ درگاهه محمد علي فقير ۾ ناياب جانور ٻڪرين جي واڙي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ٻڪريون مري ويون.
ناياب جانور جي حملي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته علائقي واسين حملو ڪندڙ جانور کي ماري ڇڏيو.
اطلاع تي وائلڊ لائف عملي مئل ناياب جانور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ چيو ته ناياب جانور کي ماريندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.