پاڪستان هاڪي ٽيم عالمي رينڪنگ ۾ هڪ درجو ترقي ماڻڻ کانپوءِ 15 هين نمبر تي اچي وئي آهي.
عالمي رينڪنگ ۾ نيڌرلينڊز جو پهريون، بيلجيئم جو ٻيو ۽ ڀارت جو ٽيون نمبر آهي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جو نمبر 15 هون آهي.
عالمي رينڪنگ ۾ قومي هاڪي ٽيم جي رينڪنگ ۾ بهتري اولمپڪ ڪوالفائنگ رائونڊ کانپوءِ آئي، جتي پاڪستان ٽيم اولمپڪ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم لڳاتار ٽيون ڀيرو اولپمڪس لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي آهي.
You might also like