پاڪستاني ڪرڪيٽرز ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي کانپوءِ سال جي بهترين ٽيسٽ ٽيم ۾ به جاءِ نه ٺاهي سگهيا!

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) مينز ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر 2023ع جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي کانپوءِ سال جي بهترين ٽيسٽ ۾ به ڪو پاڪستاني جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
آءِ سي سي طرفان اعلانيل سال جي بهترين ٽيسٽ ٽيم جي قيادت آسٽريلوي قائد پئٽ ڪمنز کي سونپي وئي آهي، جڏهن ٽيم ڪمنز سميت پنج آسٽريلوي ڪرڪيٽر جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ آسٽريليا جو عثمان خواجا، اليڪس ڪيري ( وڪيٽ ڪيپر ) ٽرويس هيڊ ۽ مچل اسٽارڪ شامل آهن.

Men's-Test-Team-of-the-Year(16x9)
انگلينڊ جو اڳوڻو فاسٽ بالر اسٽورٽ بروڊ، جوئي روٽ سميت ڀارتي آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا ۽ روي چندرن ايشون به سال جي بهترين ٽيم جو حصو آهن.
ان کانسواءِ سريلنڪن اوپنر ديموٿ ڪرونارتني، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن به ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.