شوڪت صديقي برطرفي ڪيس، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي برطرفي خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي برطرفي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد طرفان خواجا حارث ۽ شوڪت صديقي طرفان حامد خان عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان شوڪت صديقي تي الزام قبول ڪري رهيا آهيو يا رد، ان تي خواجا حارث چيو ته هو سمورا الزام رد ڪري رهيا آهن.
شوڪت صديقي جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد الزام جي ترديد ڪري رهيو آهي، اِهو ئي اسان جو ڪيس آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کي پهرين انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ها، ان ۾ اسان کي فيض حميد کان آڏي پڇا جو موقعو ملي ها.
چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته ڇا انڪوائري ڪئي وئي هئي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جڏهن شوڪت صديقي تقرير تسليم ڪئي ته انڪوائري نه ڪئي وئي.
چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل چئي چڪو آهي ته حقيقتن جي انڪوائري ناهي ٿي، هاڻي ٻڌايو ڇا تجويز ڪندا، ڪارروائين ڪيئن هلايون؟ جيڪڏهن شوڪت صديقي جا الزام سچا آهن ته ڇا ٿيندو؟ شوڪت صديقي جيڪو چئي رهيو آهي مخالف ڌر اِهو مڃڻ کان انڪار ڪري رهي آهي، ڪير سچو آهي ڪير نه اِهو پتو لڳائڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟ .
چيف جسٽس چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني باڊي آهي، اوهان چئي رهيا هئا ته هڪ انڪوائري ڪميشن ٺاهيو؟ جڊيشل ڪائونسل جي موجودگي ۾ڪميشن جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ آرٽيڪل 210 پڙهو ته جڊيشل ڪائونسل وٽ وسيع آئيني اختيار آهن، هر آئيني باڊي يا اداري وٽ آزاداڻي فيصلي جو حق آهي، سپريم ڪورٽ سپريم جڊيشل ڪائونسل سميت ڪنهن آئيني اداري جي نگران نه آهي، سپريم ڪورٽ رڳو آئيني ڀڃڪڙي جي صورت ۾ حرڪت ۾ اچي سگهي ٿي، موجودا ڪيس ۾ محتاط رهڻو پوندو ته ڪٿي ادارن وچ ۾ قائم آئيني توازن خراب نه ٿئي، شوڪت صديقي ڪيس جو فيصلو به پنجاهه سالن تائين عدالتي مثال طور استعمال ٿي سگهي ٿو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.