”قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، ڇو نه سندس خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي نااهلي واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قاسم سوري بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿيڻ نه ڏني، هو ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، تنهنڪري ڇو نه سندس خلاف آئين جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ قاسم سوري طرفان نعيم بخاري دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته منهنجي نظر ۾ ته قاسم سوري جي نااهلي ۽ سندس تڪ ۾ ٻيهر چونڊن واري معاملو هاڻي غير اثرائتو ٿي چڪو آهي، ان تي لشڪري رئيساڻي جي وڪيل چيو ته قاسم سوري غيرقانوني طور عهدي ڪم ڪندو رهيو.
چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان ان ڳالهه سان متفق آهيو؟ جيڪڏهن اوهان اتفاق ڪريو ٿا ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو، نعيم بخاري جواب ڏنو ته اليڪشن ٽربيونل چيو هو ته قاسم سوري ڪا به ڪرپٽ پريڪٽس ناهي ڪئي.
چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته قاسم سوري استعيفيٰ ڪڏهن ڏني؟ ان تي نعيم بخاري چيو ته قاسم سوري 16 اپريل 2022ع تي استعيفيٰ ڏني، چيف جسٽس سوال ڪيو ته جڏهن اوهان اسيمبلي ٽوڙي تڏهن به اسٽي تي هئا نه؟
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، قاسم سوري اسٽي آرڊر کڻي قومي اسيمبلي جو سمورو مدو انجواءِ ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري غيرقانوني طور اسيمبلي ٽوڙي، سندس خلاف پنج رڪني بئنچ جي فيصلي ۾ آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جي ڪارروائي تجويز ڪئي وئي، ڇو نه قاسم سوري خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
وڪيل نعيم بخاري آگاهه ڪيو ته قاسم سوري جو ڪيس ٻين ڪيسن سان گڏ گڏائي ڇڏيو هو، چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڪهڙو ڪيس لڳي ٿو ۽ ڪهڙو ڪيس نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ ۾ پهچندڙ ڊگها هٿ ختم ڪري رهيا آهيون، خبر آهي ته ڪيس ڪيئن گڏ ڪرايا ويندا آهن.
نعيم بخاري چيف جسٽس سان مڪالمو ڪيو ته اوهان مون کان خفا ٿي رهيا آهيو يا سسٽم کان؟ چيف جسٽس جواب ڏيندي چيو ته اسان اعتراف ڪري رهيا آهيون ته سپريم ڪورٽ جي اندروني سسٽم سان هيراڦيري ڪئي وئي، قاسم سوري به غلطي مڃي، سسٽم تي چڙ آهي اوهان تي نه ۽ اعتراف ڪري رهيو آهيان ته هيرا ڦيري ٿيندي هئي، ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ايندي ڪڏهن ڪو ٻيو ايندو آهي، هاڻي اِهو سلسلو نه هلندو.
چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ نه ڏني، سندس قدم سپريم ڪورٽ جي 5 ججز غلط قرار ڏنو، قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، سندس خلاف ڇو نه آئين ٽوڙڻ جي ڪاررروائي جو حڪم ڏنو وڃي.
چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري کي طلب ڪري آئيني ڀڃڪڙيءَ بابت پڇنداسين.
عدالت قاسم سوري جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ ۽ اسٽي برقرار رهڻ تي رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٽن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪندي قاسم سوري ۽ لشڪري رئيساڻي کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.