ڪابينا عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي فراهمي لاءِ پاڪ فوج جي خدمتن جي حوالي سان سمري ڪابينا کي موڪلي هئي.
ڪابينا گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي، ان تحت ٻه لک 77 هزار پاڪ فوج جا آفيسر ۽ اهلڪار چونڊن ۾ مقرر هوندا، گڏوگڏ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار به عام چونڊن ۾ مقرر هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج ۽ سول آرمڊ فورسز حساس تڪن ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور فرض انجام ڏينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.