آمريڪي حڪومت پاران بلوچستان جي مهر ڳڙهه ميوزيم لاءِ 3 لک 20 هزار ڊالرز جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان خان ڊومڪي بلوچستان ۾ ثقافتي تحفظ بابت آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ اي ايف سي پي جي پهرئين منصوبي جو افتتاح ڪيو.
ان تاريخي ڪم لاءِ 3 لک 20 هزار ڊالرن کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي، جيڪا مهرڳڙھه تهذيب جي پٿرن جي دور جي آثارن ۽ ٻين تاريخي نوادرات جي تحفظ سميت ڪوئيٽا ۾ مهر ڳڙھه ميوزيم آف بلوچستان جي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي.
اُن موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهارڪندي سفير بلوم چيو ته اسان جي هي ڪوشش بلوچستان جي ثقافتي ورثي جي اهميت ۽ ان جي تاريخي قدرن کي هٿي وٺرائڻ بابت آمريڪي حڪومت جي عزم کي واضح ڪري ٿي.
آمريڪي حڪومت پاران سموري پاڪستان ۾ ثقافتي ورثن بابت 33 منصوبن لاءِ 80 لک ڊالرز کان وڌيڪ فنڊز خرچ ڪيا ويا آهن، ڄاڻايل منصوبن ۾ سنڌ جو ورُون ديو مندر، فريئر هال، نسروانجي بلڊنگ ۽ يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج جي ماڳ مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سلطان ابراهيم ۽ امير سلطان محمد جي مقبرن جي بحالي شامل آهي.
منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل ڪانريڊ ٽربل، بلوچستان جي ثقافت کاتي جي اعليٰ عملدارن، سيز جي شريڪ باني ڊاڪٽرڪليم الله لاشاري ۽ ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ مهرڳڙھه جي تاريخ ۽ مهر ڳڙھه ميوزيم آف بلوچستان بابت ڳالھايو ويو.
بلوچستان جو مهر ڳڙھه ميوزيم، سيپٽمبر 2022 ۾ قائم ڪيو ويو، جيڪو خطي جي اوائلي تاريخ کي اجاڳر ڪري ٿو.
مهر ڳڙھه جا آثار عالمي سطح تي سڃاتا وڃن ٿا ۽ دنيا جي مختلف عجائب گھرن ۾ ڏيکاريا به وڃن ٿا، جن ۾ نيويارڪ جو ميٽروپوليٽن ميوزيم آف آرٽ ۽ پئرس جو ميوزي گيمي عجائب گھر شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي قديم آثارن جي اهميت کي اجاڳر ڪن ٿا.
ھن آمريڪي گرانٽ وسيلي مليل مالي سهائتا ميوزيم جي نمائش سان سلھاڙيل ڪمن ۽ بلوچستان ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالوجي عملي جي صلاحيت ۽ سندن آبادي تائين پهچ کي سگھارو ڪيو ويندو، اي ايف سي پي جو هي منصوبو بلوچستان جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي جي ڀائيواري سان عمل ۾ آيو آهي، جڏهن ته ھن منصوبي وسيلي خطي جي ثقافتي منظرنامي کي محفوظ رکڻ وارين ڪوششن ۾ مدد پڻ فراهم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.