سنڌ پريميئر ليگ جو شيڊيول پڌرو، ڪنهن جو ڪنهن سان مقابلو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پريميئر ليگ( ايس پي ايل ) جي پهرين ايديشن جو شيڊيول سامهون اچي ويو، ايونٽ 25 جنوريءَ کان ڪراچي جي نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
25 جنوري تي شام ڇهه کان ست وڳي تائين افتتاحي تقريب ٿيندي جنهن کانپوءِ ڪراچي غازيز ۽ حيدرآباد بهادرز جي ميچ ساڍي اٺين وڳي کيڏي ويندي.

سنڌ پريميئر ليگ جو شيڊيول سامهون اچي ويو

26 جنوري جي منجهند ٽي وڳي لاڙڪانا چئنلينجرز ۽ سکر پيٽرياٽز جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون، ٻي ميچ ۾ رات اٺين وڳي ڪراچي غازيز ۽ ميرپور خاص ٽائيگرز ۾ ٽاڪرو ٿيندو.
27 جنوري تي پهرين ميچ ٽين وڳي بينظير آباد لالز ۽ حيدرآباد بهادرز وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ رات اٺين وڳي لاڙڪانا چئلينجرز ۽ ميرپور خاص ٽائيگرز وچ ۾ شيڊيول آهي.
28 جنوري تي پهرين ميچ ڪراچي غازيز ۽ سکر پيٽرياٽز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ لاڙڪانا چئلينجرز ۽ بينظير آباد لالز جون ٽيمون دوبدو هونديون.
29 جنوري تي پهرين ميچ ميرپور خاص ٽائيگرز ۽ سکر پيٽرياٽز ۽ ٻي ميچ ڪراچي غازيز ۽ بينظير آباد لالز وچ ۾ کيڏي ويندي.
30 جنوري تي پهرين ميچ ميرپور خاص ٽائيگر ۽ حيدرآباد بهادرز جڏهن تي ٻي ميچ سکر پيٽرياٽز ۽ بينظير آباد لالز ۾ شيڊيول آهي.
31 جنوري تي پهرين ميچ ڪراچي غازيز ۽ لاڙڪانا چئلينجرز وچ ۾ ٿيندي، ٻي ميچ ۾ حيدرآباد بهادرز ۽ سکر پيٽرياٽز جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون.
پهرين فيبروريءَ تي پهرين ميچ ۾ بينظير آباد لالز ۽ ميرپور خاص ٽائيگرز ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته حيدرآباد بهادرز جو لاڙڪانا چئلينجرز سان ٽاڪرو ٿيندو.
ٻه فيبروريءَ تي شام ستين وڳي ڪواليفائر رائونڊ کيڏيو ويندو، جڏهن ته 3 فيبروريءَ تي ميگا ايونٽ جو پهريون ايليمينيٽر ٿيندو.
چار فيبروري تي ٻيو ايليمينيٽر ٿيندو جڏهن ته فائنل 5 فيبروي تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.