سنڌ ۾ ڪچي تيل جي ڳرن ذخيرن سان پيداوار جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل سنڌ ۾ ڪچي تيل جي ڳرن ذخيرن سان پيداوار حاصل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.
آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ترجمان موجب سونو کوهه نمبر 9 ۾ ڪمپني طرفان 2350 ميٽرن تائين اونهي کوٽائي کانپوءِ گهربل پيداوار حاصل ڪئي وئي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي نتيجن دوران کوهه مان 1850 بيرل روز ڪچي تيل جي پيداوار حاصل ٿي، جيڪا سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب او جي ڊي سي ايل سونو ڊيولپمينٽ اينڊ پروڊڪشن ليز جا 100 سيڪڙو شيئرز جو ملڪيتي آپريٽر آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪمپني طرفان اليڪٽريڪل سمبرسيبل پمپ جي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداواري سطح ۾ ذڪر جوڳي بهتري آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.