25 سال نوڪري تي پينشن ملندي: نئين پاليسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گريد هڪ کان گريڊ 22 تائين ملازمن لاءِ ايندڙ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ نئين پينشن پاليسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پينشن سڌارن جي سلسلي ۾ ناڻي وزارت طرفان ڏنل تجويزن موجب ملازمن لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ حڪومت ۽ ملازم پنهنجو پنهنجو حصو ڏيندا.

ملازمن کي پينشن وڌ کان وڌ 25 سالن جي ملازمت موجب ادا ڪئي ويندي کڻي ڪو ملازم 35 سالن کان وڌيڪ ملازمت ڪري تڏهن به 25 سالن جي ملازمت موجب ئي پينشن ادا ڪئي ويندي ۽ ملازمن کي 60 سالن کان گهٽ ملازمت تي ريٽارئمينٽ تي في سال ڏنڊ لڳايو ويندو.

پينشن سڌارن واري تجويز موجب پينشن سندن آخري پگهار مطابق مقرر ڪرڻ بدران گذريل ٽن سالن جي سراسري پگهار تي مقرر ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.