ڏهرڪي ۾ ٽريڪٽر موٽر سائيڪل تي چڙهي ويو، ٻه ڄڻا فوت، هڪ مرڻينگ

ڏهرڪي (رپورٽ: شيراز احمد) ڏهرڪي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي موٽر سائيڪل سوارن تي چڙهڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب افسوسناڪ حادثو ڏهر واهه ڍنڍ روڊ تي پيش آيو، جتي ٽريڪٽر ٽرالي چڙهڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 20 ورهين جو قاسم علي ۽ 50 ورهين جو خادم پتافي فوت ٿي ويا، جڏهن ته محمد خان نالي شخص زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي سول اسپتال نيو ويو، جڏهن ته زخمي شخص جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس رحيم يار خان منتقل ڪيو پيو وڃي.
پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس موجب ٽريڪٽر جي رفتار تيز هئي، اوچتو موٽر سائيڪل سامهون اچڻ تي ڊرائيور کان بريڪ نه لڳي سگهي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.