جاويد هاشمي چونڊن تان هٿ کڻي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت جو اعلان

ملتان (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي تحريڪ انصاف اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته مان 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اميدوار طور هٿ کڻڻ ۽ پنهنجي ڀرپور قوت سان پي ٽي آءِ جي پاسي وڃڻ جو اعلان ڪيان ٿو.
هن چيو ته جيڪو شخص پهرين صف ۾ بيٺو هوندو، ان جي مڪمل سياسي ۽ اخلاقي حمايت ڪندس، مان چونڊن جو بائيڪاٽ نه پيو ڪيان پر هاڻ پنهنجي لاءِ نه پي ٽي آءِ اميدوار لاءِ ووٽ گهرندس، هاڻ مان ووٽ گهرڻ بدران آواز اٿاريندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.