اڄ مينهن وسيو، ٻيو ڪڏهن وسندو؟ اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ برساتن جي خوشخبري ٻڌائي وئي.

چيف ميٽولوجسٽ چوڌري اسلم چيو آهي ته هن هفتي سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي ۽ ٿڌ جي شدت ۾ به واڌ ٿيندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پنجاب،خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ اسلام آباد جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو رهندو.

ان ڏس ۾ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ڏينهن جو گرمي پد معمول کان هيٺ رهندو.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو، جڏهن ته اترين علائقن ۾ ٿڌ وڌندي.

ڪشمير ۾ صبح جي وقت ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي.

اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهيو جڏهن ته ڪراچي ۾ صبح هلڪي ڦڙ ڦڙ به پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.