حڪومت جو موبائيل فون قسطن تي ڏيڻ کان يوٽرن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قسطن تي موبائيل فون ڏيڻ واري حڪومتي پروگرام مان اميدون لڳائيندڙ ماڻهن کي مايوسي ملي رهي آهي ڇو ته قسطن تي موبائل فون ڏيڻ جو پروگرام هاڻي رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وزارت وزارت کي ڌچڪو لڳو آهي.

وفاقي حڪومت ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ پاليسي مسودو واپس ڪري ڇڏيو آهي.

حڪومت آءِ ٽي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها قانون واري وزارت طرفان مڪمل ڇنڊ ڇاڻ بعد پاليسي کي ٻيهر جمع ڪرائي.

هن وقت قانون واري وزارت طرفان غور هيٺ هن پاليسي کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.

جيڪڏهن منظور ملي سگهي ته اها اسڪيم هلندڙ مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.