ڊارڪ چاڪليٽ کائڻ جو وڏو فائدو سامهون اچي ويو

هڪ منفرد تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته ٻين قسمن جي چاڪليٽ جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن ڊارڪ يا ڪارو چاڪليٽ کاڌو وڃي ته ان سان بلڊ پريشر بهتر ٿي سگهي ٿو.
ماضي ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي تحقيقن ۾ ڪاري چاڪليٽ کي دل جي مرضن سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ بهتر قرار ڏنو ويو هو.
هاڻ ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪارو چاڪليٽ کائڻ سان رت جي رواني بهتر ٿي سگهي ٿي، جنهن سان هاءِ بلڊ پريشر گهٽ ٿيڻ جا واضح امڪان آهن.
طبي رسالي نيچر ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن ڪارو چاڪليٽ کائيندڙ ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو وٺي انهن ۾ دل جي مرضن ۽ بلڊ پريشر جي بيمارين جي نوعيت کي چيڪ ڪيو.
ماهرن دريافت ڪيو ته چاڪليٽ کائيندڙ ماڻهن ۾ رت جي رواني بهتر ٿيندي آهي ۽ انهن کي بلڊ ڪلاٽنگ (مطلب رت ڄمڻ) جي شڪايت به ناهي هوندي.
ماهرن موجب ڪارو چاڪليٽ ڪوڪو بينز سان تيار ٿيندو آهي، جنهن سبب ان جو رت جي رواني بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ٿي سگهي ٿو.
ڪوڪو بينز ۾ فائبر، ميگنيشيم، فاسفورس ۽ زنڪ جو مقدار هوندو آهي، جيڪي انساني صحت، خاص طور رت جي رواني بهتر ڪرڻ ۾ مددگار آهن.
ماهرن موجب ڪارو چاڪليٽ عام طور تي 70 کان 90 سيڪڙو ڪوڪو بينز سان تيار ٿيندو آهي، جنهن سبب ان ۾ انساني صحت ۽ رت جي رواني بهتر ڪرڻ وارن جزن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، تنهن ڪري اهو کائڻ سان هاءِ بلڊ پريشر گهٽ ٿيندو آهي ۽ بلڊ ڪلاٽنگ به ناهي ٿيندي.
ماهرن واضح ڪيو ته ڄاڻايل معاملي تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن ڪاري چاڪليٽ جا وڌيڪ فائدا يا نقصان سامهون اچي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.