سيمينٽ سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل اگهه ۾ گذريل هفتي دوران گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.

شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب 18 جنوري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترين علائقن ۾ سيمينٽ في ٻوري جو ريٽيل اگهه 1232 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي 53 سيڪڙو گهٽ آهي.

گذريل هفتي ۾ ملڪ جي اترين علائقن ۾ في ٻوري 1238 رپيا، ڏکڻ ۾ 1188، ڏاکڻن علائقن ۾ 1191 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

اسلام آباد ۾ في ٻوري 1205، راولپنڊي 1199، گوجرانوالا 1260 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري 1172، حيدرآباد ۾ 1180، سکر 1250، لاڙڪاڻو 1173، ڪوئيٽا 1200 ۽ خضدار ۾ في ٻوري 1150 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.