ليگز جي اجازت نه ملڻ تي قومي ڪرڪيٽرز سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان پرڏيهي ليگز لاءِ جاري اين او سي واري معاملي تي قومي رانديگر سخت ناراض آهن، بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) لاءِ اين او سي جاري نه ٿيڻ تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.
ذريعن موجب، پي سي بي جي ليگز لاءِ جوڙيل پاليسي تي قومي ڪرڪيٽرن کي سخت خدشا آهن، رانديگرن ٽيم مئنيجمينٽ ۽ پاڻ ۾ اين او سي واري معاملي تي ڪيئي دفعا ڳالهه ٻول ڪئي.
ٽيم مئنيجمينٽ سان شڪايت ڪندي ڪرڪيٽرن چيو ته رانديگرن سان اين او سي واري معاملي تي مٿڀيد ڪيو پيو وڃي، ڪجهه رانديگر هڪ سال دوران ٽين ليگ کيڏي رهيا آهن، ٻين رانديگرن کي به اين او سي ملڻ گهرجي.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته نيشنل ڊيوٽي ناهي ته پي سي بي کي اين او سي جاري ڪرڻ گهرجي، ٻن اين او سيز جو ڪهڙو فائدو جڏهن مڪمل ليگ ئي نه کيڏڻ ڏني وڃي؟ .
ڪرڪيٽرز موجب، نيشنل ڊيوٽي نه هئڻ باوجود اين او سي ۾ واڌ نه ڏيڻ تي پي سي بي معاوضي ۾ به ازالو نٿو ڪري.
رانديگرن ٽيم مئنيجمينٽ کان سوال ڪيو ته ورڪ لوڊ ڪهڙي فارمولي تحت لڳايو ويندو آهي؟ ڪنهن به طبي يا بائيوميڪنيڪل ٽيسٽ کانسواءِ ورڪ لوڊ جو اندازو ڪئين لڳائي سگهجي ٿو؟ ناانصافي جي صورت ۾ رانديگر سينٽرل ڪانٽريڪٽ تان هٿ کڻڻ بابت سوچي سگهن ٿا.
واضح رهي ته پي سي بي اعظم خان کي گلوبل ٽي ٽوئنٽي، سي پي ايل ۽ شاداب خان کي دي هنڊريڊ، گلوبل ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ باوجود آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.