حڪومت بنگلاديشي ڪئمپن ۾ قيد پاڪستانين جو مسئلو حل ڪري: سيمينار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل ۽ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي گڏيل ڀائيواري ۽ دعا فائونڊيشن جي سهڪار سان بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ قيد پاڪستانين جي مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار ٿيو، جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انوار چيو ته اهو هڪ پراڻو مسئلو آهي، جيڪو انساني بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪئمپن ۾ قيد ٿيلن جي خراب حالت تي انساني حقن جون تنظيمون آواز اٿارينديون رهيون آهن ۽ پاڪستان حڪومت کي به مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.
سيمينار کي خطاب ڪندي ناليواري اديب، دانشور ۽ صحافي محمود شام چيو ته بهارين کانپوءِ پاڪستان ڪيئن مڪمل ٿي سگهي ٿو، اهي ته اوڀر پاڪستان ۾ نظريه پاڪستان تحت آيا هئا، جيڪو پاڪستان جڙڻ جو بنياد آهي، ڪڏهن ڪنهن سوچيو ته اڄ رياست جا ٿنڀ ڇو لُڏي رهيا آهن، ملڪ ۾ ايترا ڏڦيڙ ڇو آهن، ڪنهن جون پِٽون لڳي رهيون آهن، اڄ ان ٻه واٽي تي اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان کان ڪٿي اجتماعي خطائون ٿيون آهن، جڏهن پاڪستاني نوجوان پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ هنر کي آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ مڃرائي سگهن ٿا ته ڇا اهي ڪراچي ۽ بي لغام تخت گاهه کي نٿا سنڀالي سگهن، اسان کي پنهنجي دل مان خوف ڪڍڻو پوندو، هي ٽيڪنالاجي ۽ نيٽ ورڪنگ جو دور آهي، مطلب لاڳاپا بگاڙڻ نه ٺاهڻ جو دور آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي سوشل ۽ ميريٽوريس بابت اڳوڻي چيف پروفيسر ڊاڪٽر مونس احمر چيو ته تاريخ جو هڪ پنهنجو نظام آهي، تاريخ وڏي بي رحم هوندي آهي، ناانصافي ۽ اقتدار جي خواهش لکين انساني موتن جو سبب بڻي، 71ع جي جنگ ۾ سيز فائر به ٿي پئي سگهيو پر هڪ سازش تحت پاڪستاني فوج کان هٿيار ڦٽا ڪرايا ويا، 3 لک محب وطن پاڪستاني بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ اذيت ناڪ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، شايد انهن جي پٽن جو اثر آهي ته پاڪستان ابتري، ڏڦيڙ ۽ اقتصادي بدحالي جو شڪار آهي ۽ 71ع کانپوءِ هيل تائين اهو بيهي ناهي سگهيو.
آمريڪا ۾ رهندڙ وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل جي چيئرمين احتشام ارشد نظامي چيو ته تاريخ مان نظرون چورائڻ شرمندگي آهي، سيمينار جو مقصد حقيقتن کي منظر تي آڻڻ آهي ته جيئن ايندڙ نسلن تائين درست ڄاڻ پهچي ۽ کين خبر پئي ته حقيقتون ڇا آهن، 71ع ۾ عليحدگي پسند بنگالين غير بنگالين جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو، مسجد ۾ پناهه وٺندڙ غير بنگالين کي به بي دردي سان قتل ڪيو ويو، جن جا لاش مسجد ۾ وکريل پيا هئا، پهرين مارچ کان 24 مارچ 71ع تائين اوڀر پاڪستان ۾ مجيب الرحمان جو راڄ هو ۽ غير بنگالين جي قتل عام جي بازار گرم هئي.
هن ٻڌايو ته هاڻ به تقريبن 3 لک ماڻهو بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ قيد آهن، جيڪي بهاري نه پر پاڪستاني آهن ۽ انهن جو ٽيون نسل وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان انهن جي ڪئمپن ۾ وڃ ته هڪ هڪ ٻار توهان کي گهمندو ڦرندو پاڪستان نظر ايندو، ماڻهو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ ان مسئلي کي وساري چڪا آهن يا وري وسارڻ چاهين ٿا پر اسان جي ڪوشش آهي ته جيستائين اهو مسئلو حل نٿو ٿي وڃي، ان کي زندهه رکون، پاڪستان جي ذميواري آهي ته ڪئمپن ۾ پيل پاڪستانين جو مسئلو حل ڪري ۽ انهن محب وطن پاڪستانين کي اذيت ناڪ زندگي مان ڇوٽڪارو ڏياري.
وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل جي جنرل سيڪريٽري اظفر شڪيل استقبالي تقرير ڪئي، جڏهن ته نظامت جا فرض حامد اسلام خان انجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.