ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچن جو حصو نه هوندو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽر ويرات ڪوهلي ذاتي سبب جي بنياد تي انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو، جڏهن ته جلد سندس متبادل جو اعلان ڪيو ويندو.
بي سي سي آءِ موجب، ويرات ڪوهلي ڪپتان روهت شرما، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ سليڪٽرز کي پنهنجي فيصلي بابت آگاهه ڪندي چيو ته سندس لاءِ هميشه ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ پهرين ترجيح رهي آهي پر ڪجهه ذاتي مصروفيتن سبب هو انگلينڊ خلاف شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي.
ويرات ڪوهلي آچر واري ڏينهن حيدرآباد دکن ۾ ٽيم کي جوائن ڪيو، جتي انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ شيڊيول آهي، پر سومر جي ڏينهن هن پريڪٽس سيشن ۾ حصو نه ورتو.
ڪوهلي گذريل سال ڊسمبر ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي انکانسواءِ هن افغانستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ به نه کيڏي هئي.
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ طرفان اڃا تائين ڪوهلي جي متبادل جو اعلان ناهي ڪيو، سندس جاءِ تي چيتشور پُجارا، رجت پاٽيدار، اڀيمنيو ايسوران ۽ سرفراز خان کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.