فضل الرحمان ڪمائيءَ جو ذريعو پڇڻ تي ڪهڙو جواب ڏنو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي معاشي ذريعي ۽ اثاثن جي حوالي سان دلچسپ بيان ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت دوران ميزبان مولانا فضل الرحمان کي چيو ته توهان جا ماشاءَالله ڪيترائي گهر آهن، توهان جي ملڪيت، توهان جون زمينون آهن، جنهن تي فضل الرحمان چيو ته ڪي زمينون ناهن.
عورت ميزبان سوال ڪيو ته توهان جو معاشي ذريعو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي جي يو آءِ سربراهه چيو ته معاشي ذريعو الله طرفان غيبي مدد آهي.
ميزبان مسڪرائيندي چيو ته پوءِ مان به غيبي مدد جي دعا ڪيان، جنهن تي مولانا فضل الرحمان سورت آل عمران جي آيت پڙهي ۽ مسڪرائيندي چيو ته جيڪڏهن هو بي حساب ڏئي ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون ان جو حساب ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.